ڀيمنداس منواڻي

ڀيمنداس منواڻي: جناب ڀيمنداس منواڻيءَ جو جنم چاچڪ ڳوٺ (ساهتيءَ) ۾ ٿيو هو. پڙهڻ ۾ گھڻو هوشيار هوندو هو. مئٽرڪ ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو هو. بي.ايس.سي پاس ڪري ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت اختيار ڪيائين. ساهتيءَ ۾ خواه اجمير ۾ هوشيار وڪيلن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. ڪجهه وقت اجمير اسيمبليءَ تي چونڊيو هو. تقرير ڪرڻ جو چڱو فن هوندو هوس. قومي خيالن جو هو ۽ ان سان گڏ يار ويس. آزاديءَ جي هلچل ۾ سڌو بهرو ڪونه ورتائين، مگر مالي مدد ڪندو رهندوهو. هتي به مسڪينن کي مدد ڏيندو رهندو هو. سندس وفات 10 سيپٽمبر 1944ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو